اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان ??ارليامينٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آه?? ڇو ته ملڪي آ??ادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان ??نهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ پارليامينٽري فورم (وائي پيف ??يف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار سماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارليامينٽ هائو?? ۾ ??فاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آ??ِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.