اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ??يو آهي ته قومي اسيمب??ي ۾ پاس ٿيندڙ قانون واپس نٿا وٺي سگهجن، سمُورن قائدن ۽ قانونن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهي قانون سينيٽ موڪليا ويا آهن، ميثاق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي سينيٽ جُون چونڊُون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون، پر 10 سالن جي دوران ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو، حڪومت سپريم ڪورٽ جي اليڪشن سڌارن ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تياري جي آخري مرح??ي ۾ آهي. پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته چونڊ سڌارن تي بل پاس ٿيو آهي ان تي مخالف ڌر جو رويو افسوسناڪ رهيو، ڪنهن به ملڪ جي مضبوط جمهوريت جو ب??ياد صاف ۽ شفاف چونڊن تي هوندو آهي، هن ??يو ته ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل ايمپائر عمران خان آندو، عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شور جو خاتمو چاهي ٿو، هن ??يو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ پيپل??پا??ٽي، جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين جا اعتراض هئا، پي ٽي آءِ به ان تي ڀرپور آواز بلند ڪيو، هن ??يو ته ميثاق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي سينيٽ جي اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون پر 10 سالن دوران ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، اهي جيڪو چون ٿا اهو ڪندا ناهن، بغل ۾ ڇري منهن تي مٺو مٺو رهندا آهن، هن ??يو ته 2008ع کان 2018ع تائين 10 سالا حڪومت ۾ ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي هڪ ٻئي جي خلاف ايوان ۾ واڪ آئوٽ، بائيڪاٽ ۽ ليٽر بازي ڪئي آهي، هن ??يو ته 20 -2019ع کان پيل بل پراسيس جي ذريعي پاس ڪرايا آهن، مخالف ڌر کي صرف اين آر او ب?? ۾ دلچسپي آهي، جيڪونه ملڻ وارو آهي،