اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو، لاهور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 798 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 107، پنجاب ۾ 19 هزار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 116، اسلام آباد ۾ 3 ??زار 492، بلوچستان ۾ 2 هزار 825، گلگت بلتستان ۾ 936، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 570 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 هزار 275 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 هزار 373 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 43 هزار 277 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 34، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، اسلام آباد ۾ 88 هزار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، پنجاب ۾ 3 ??ک 58 هزار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 ??ک 87 هزار 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 529 ٿي چڪو آهي.