اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ??يران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزي??اع??م پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي ??تفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ??يران جي نئين چونڊيل صدر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزي??اع??م پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي ??ه اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي علائقن کي ب??لي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ??يراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي ب??لي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.