لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي ??زي??، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??زي??اعظم عمران خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پاڻي جا ??لا??ٽ لڳايا پيا وڃ??، اهي 1500 واٽر فلٽريشن ??لا??ٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن ??لا??ٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني“ واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فلٽريشن ??لا??ٽ لڳايا ويا. مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن ??لا??ٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن ??لا??ٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن ??لا??ٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃ??. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هزار پيئڻ جي صاف پاڻي جا ??لا??ٽ لڳايا پيا وڃ??. هن ٻڌايو ته ??زي??اعظم عمران خان پيئڻ جي صاف پاڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته ??زي??اعظم عمران خان سڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته ??زي??اعظم عمران خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.