اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃ??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الح??، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي ??ئل??نجز ختم ڪرڻ لاء?? مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.