اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر ط??حه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر ط??حه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽ??ڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوصلا اف??ائ?? لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.