اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ??ومي سلامتي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته افغانستان جي ??عاملي تي ماضي جي غلطين مان سکندي اڳتي وڌيو وڃي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان هڪ نئون بحران جنم وٺي سگهي ٿو، طالبان سان رابطن ذريعي مخلوط ۽ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ??و، دنيا افغانستان مان پناهگيرن جي ??جرت ۽ ممڪن انساني بحران کي روڪڻ جي ??اءِ ڪم ڪري. هو افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائي رهيو هو. هن افغانستان جي ??سئلي جو تاريخي پس منظر، آمريڪا سميت عالمي طاقتن جي ڪردار ۽ پاڪستان کي افغان تڪرار جي ڪري پهچندڙ نقصانن ۽ ان جي ??ربانين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ پڻ پاڪستان افغانستان جي ??سئلي جي حل لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ قربانيون ڏنيون پر افغانستان ۾ ڊگهي جنگ ۽ بدامني ۽ پناهگيرن جي اچڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪستان کي نه رڳو اڪيلو ڇڏيو ويو پر بعد ۾ پابنديون پڻ هن??ون ??يو??. هن چيو ته افغانستان مڪمل تباهي جو شڪار هو جن حالتن ۾ طالبان سامهون آيا. معيد يوسف چيو ته ماضي ۾ عالمي طاقتن پاران پاڪستان ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ هڪ تمام وڏي غلطي هئي جنهن جي ڪري افغانستان ۾ خال پيدا ٿيو جنهن کي ڀرڻ جي ??اءِ القاعده جهڙين تنظيمن جڳهه ٺاهي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ پڻ پاڪستان جي ??سئلن ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي حملي کانپوءِ پناهگيرن جو دٻاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي آيو، پاڪستان جي ??اءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا جڏهن ته ان دوران جڏهن پاڪستان کي اولهندي سرحد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي اوڀر سرحد تي ڀارت به پنهنجي چرپر وڌائي ڇڏي جنهن جي ڪري پاڪستان کي هڪ ئي وقت اولهندي ۽ اوڀرندي سرحدن تي مصروف ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڀارت جي ڪردار کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن مصنوعي بحران ڇو پيدا ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ??ربانين کان آگاهه آهن. هن چيو ته 50 لک افغان پناهگيرن جي ??اڪستان اچڻ سان گڏ عسڪريت پسندن ۽ جنگجوئن پڻ پنهنجو رستو ٺاهيو ۽ پاڪستان هڪ اهڙي جنگ جو حصو بڻجي ??يو جنهن سان ان جو ڪو واسطو نه هو، ان جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي ??رباني ڏني ۽ ان جي ??عيشت کي 152 ارب ڊالر جي ??قصان کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ ايتري وڏي قيمت ادا ناهي ڪئي، سڄي ملڪ ۾ هزارين فوجي آپريشنز ڪيا ويا. معيد يوسف چيو ته پاڪستان کي 20 سالن کان سرحد پار کان دهشتگردي جو مسئلو درپيش آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان افعان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي پر آمريڪا دلچسپي نه ورتي ۽ افغانستان پاران ان جي ??خالفت ڪئي وئي، اسان باضابطا ويزا نظام جي ڳالهه ڪندا رهياسين پر ان وقت جي افغان حڪومت پاران مخالفت ڪئي ويندي رهي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ??و ته مسئلن جي حل ۾ ڪير سنجيده آهي ۽ ڪير نه. هن چيو ته دنيا جي ??اءِ آسان آپشن آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جون غلطيون ورجايون ??يو?? ته انهن پاليسين جا نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، اسان کي گهرجي ته پنهنجي ??اضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪريون ۽ بهتر مستقبل طرف وڌون. معيد يوسف چيو ته اسان دنيا کي چئي رهيا آهيون ته هڪ عام افغان جي ??اءِ افغانستان سان رابطا رکي، افغانستان ۾ هڪ مخلوط حڪومت، افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ انساني حقن جو احترام، بحران کان بچڻ جي ??اءِ گورننس ۽ معاشي سپورٽ ۽ عالمي سطح تي معاشي منصوبابندي هجڻ گهرجي. هن چيو ته هي موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته طالبان پاران صحيح وقت تي صحيح بيان سامهون آيو آهي، اهي قانوني جواز چاهين ٿا، ان لاءِ اسان جي خيال ۾ هي موقعو آهي ته انهن سان رابطا قائم ڪيا وڃن، اميد آهي انهن رابطن سان ضرور ڪو امڪان پيدا ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ هر ڪو اهو چئي رهيو آهي ته پناهگيرن جي آمد جي ??اءِ تيار رهڻ گهرجي ??ر ڇا دنيا افغانستان جي ??قروض نه آهي ته ان ملڪ ۾ انساني بحران ۽ پناهگيرن جي آمد کي روڪي سگهجي، اسان افغانين سان گڏجي ان بحران کي روڪڻ جي ??اءِ ڪم ڇو نه ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته صورتحال ضابطي کان ٻاهر نه وڃي. هن افغانستان مان نڪرڻ جي حوالي سان چيو ته جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ته ان جو نتيجو اتي سيڪيورٽي خال جي صورت ۾ سامهون ايندو ۽ عالمي دهشتگردن کي اتي پهچڻ جو موقعو ملندو، جيڪڏهن گورننس جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته معيشت به بحران جو شڪار ٿيندي، ان صورتحال ۾ ممڪن آهي ته نئين جنگ ڇڙي وڃي ۽ غيرقانوني معيشت وجود ۾ اچي جنهن جي ??تيجي ۾ يقينن انساني بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته طالبان سان رابطا قائم ڪري هڪ مخلوط نظام قائم ڪرڻ جي راهه هموار ڪري سگهجي ??ي، اهڙي طرح هڪ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ??و ۽ هڪ نئين انساني بحران کان بچي سگهجي ??و.