اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ جي لاءِ گلگت ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.