اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ??نهجي ??اڳ??پن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي ??اڳ??پن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لارڊ واجد سان ??لاقات دوران ڪئي. صدر ان کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبا??ي مرض کي ڪاميابي سان ??ابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي به روشني وڌي. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ت?? پاڪستان افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان ??ڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ت?? پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان کانسواءِ هو افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، صدر عارف علوي لارڊ واجد کي هائوس آف لارڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ت?? اها ڪاميابي برطانيه جي ع??ام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لارڊ واجد جي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ت?? هو ڀارتي قابض فوج پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لارڊ واجد خان ??اڪستان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪامياب طريقي سان ??نهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.