اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته ڪامس??يڪ سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فروغ، فوڊ س??ڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري. گڏيل تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڪري انساني زندگين کي بچائڻ جي سلسلي ۾ بک ۽ غذائي تحفظ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومن جي سوچ ۽ نقطه نظر ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلن کي پيش نظر عالمي وسيلن تي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ڪامس??يڪ تي زور ڏنو ته هو سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون کي فروغ ڏي ۽ فوڊ س??ڪيورٽي جي چئلينج جو حل ڳولڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ پنهنجي تجربن ۽ ڪاميابين جي مٽاسٽا ڪري، هو هتي ڪامس??يڪ سيڪريٽريٽ ۾ ورلڊ فوڊ ڊي جي مناسب سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 9 ملڪن جي سفارتڪارن، سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامس??يڪ (آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن سائٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجيڪل ڪوآپريشن) ۽ برطانيه – پاڪستان اڪيڊمڪ نيٽ ورڪ”ساوي“ جي وچ ۾ سهڪار کي باقاعده جاري ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي ??يو ته دفاع ۽ سلامتي سان گڏوگڏ غذائي تحفظ جو رجحان تيزي سان نمايان ٿيو آهي، ان ڏس ۾ بک جي وڌندڙ خطري جي موجودگي ۾ قومون جنگين تي اربين ڊالر ڪيئن خرچ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ آبادي کي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن ۾ غذائي کوٽ بابت پيچيدگين سميت تازن ڄاول ٻارن جي موت، وڌيڪ ??ارن جي پيدائش سان عورتن کي خراب صحت ۽ ٻارن جي ڪمزور ذهني نشو ۽ نما نمايان آهن، هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي ڀرڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جا منصوبا شروع ڪيا، هن فوڊ س??ڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ پاڻي جي موثر نظام جي لاءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن پاران عملي قدمن جي تجويز ڏني، ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته هن خوراڪ واري وزارت کان سيٽلائيٽ اميجري تي ڪم ڪرڻ جو چيو آهي ته جيئن فصلن جي ميپنگ کي بهتر طور تي سمجهي سگهجي ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي.