اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي فوجي قبضي جي خلاف ڪنٽرول لائي?? جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن کي لتاڙيندي طاقت جي زور تي ڪشمير تي ??بضو ڪري ورتو هو جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هو والاريل علائقي ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي. ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي ??الاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسواءِ ريڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ خصوصي پروگرامز نشر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسواءِ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري اڳواڻ، ناليوارين شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي ??مائندن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ??الاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان گڏوگڏ ڀارتي ??ابض فوج پاران ڪشميري عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلم?? جي عڪاس تصويرن تي ??ڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪاري ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليوارين شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي ??ابض ڀارتي ??وج ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ۽ ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ جي لاءِ سمورن قانونن ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي والاريل ڪشمير جي تڪراري علائقي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي ??الاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني قدم واپس وٺي.