اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري واري حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير ۾ ڀار?? جي جنگي ۽ انساني?? جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قبضي هيٺ ??شمير ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ راءِ شماري جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو واعدو اڃان پورو ناهي ٿيو ڇو ته هندو توا مودي حڪومت ن?? جي پڪائي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، انساني همدردي جي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي ڪنويشنز جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غير قانوني قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير جي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جنگي ڏوهن جي مرتڪب ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ، خاص طور تي گڏيل قومن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀار?? جي جنگي ڏوهن ۽ انساني?? جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪشميري ڀارتي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ کي رد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ??نص??اڻي جدوجهد لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.