اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي جي تجويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پاڪست??ني?? کي معاشي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي لاءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 ??پا??ٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي مح??وظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ ??پا??ٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي تعمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي تعين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پاڪست??ني?? پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورس??ز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ڊيولپمينٽ اٿار??ي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.