اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مستقبل جو عالمي ن??ام اخلاقيات، انصا?? ۽ ??ن??ان?? همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته ان??ان??ت جي ضرورت اخلاقي قدر آهن، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي ن??ر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن ٽيلي ن??ر پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي ن??ر پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخلاقي اصو??ن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، ان??ان?? همدردي ۽ انصاف جي رخن کي ن??ر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي ن??امن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪاروبار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌ??ان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ن??هي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر چيو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ ان??ان??ت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي اصو??ن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ ان??ان?? همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي ن??ر جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي ن??ر کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.