اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضر??رت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاء?? جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، اسلام آباد جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وائس چانسلر پروفيسر تنوير خالق، سينيٽ جي ميمب??ن ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ مستقبل جي هدفن، نئين تعليمي پروگرامن ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به روشن?? وڌي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضر??رت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاء?? جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه عالمي معيار موجب ميڊيڪل پروفيشنل پيدا ڪري، يونيورسٽي اعليٰ معيار جي تحقيق تي به خصوصي ڌيان ڏي.