اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پا??ان وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي فيصلن جي خلاف داخل ڪيل 30 هڪ جهڙيون اپيلون رد ڪندي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرمستقل ليڪچررز جي پگهارن تي غيرمنصفاڻي ۽ غيرمعقول ٽيڪس ڪٽوتي جو عمل بند ڪري. صدر وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو ته ايف بي آر پا??ان سيمسٽرز کان سيمسٽرز عارضي طور تي رکيل ليڪچررز جي 36 هزار رپيا ماهوار پگهار تي 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ انڪم ٽيڪس جي وصولي غيرقانوني ۽ بدانتظامي جو عمل آهي. صدر ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عورتن بابت پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج يا اهڙي قسم جي ٻين تعليمي ادارن جي ليڪچررز تي ود هولڊن?? ٽيڪس جو بار نه وڌو وڃي. هن ريجنل ٽيڪس آفيسر پشاور کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانوني شقن تحت انهن ڪيسن تي ٻيهر ڪارروائي ڪري ۽ سمورن ود هولڊنگ ايجنٽس کي صدر جي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ۽ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ڏي. صدر ايف بي آر جي انهن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو ته ليڪچررز کي ادائيگيون ”خدمتن“ جي زمري ۾ اچن ٿيون جنهن ۾ 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊن?? ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 149،12 ۽ 153 (1) (b) تحت ملازمت جي ڪنهن به صورت ۾ يعني ريگيولر، ايڊهاڪ، عارضي، ڏهاڙي اجرت، هنگامي حالتن وغيره تي رکيل ملازمن کي ملندڙ اجرت کي ”پگهار“ طور تي ئي شمار ڪيو ويندو ۽ ”پگهار مان آمدني“طور تي ئي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته ليڪچررز خدمتون حاصل ڪندڙ ادارن سان ”ملازم – مالڪ“ تعلق تحت ڪم ڪري رهيا هئا ۽ قانون موجب انهن جي اجرت کي پگهار جي برابر ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري، انهن جي اجرت کي ”پگهار تي ٽيڪس“ جي دائري مان خارج نه ٿو ڪري سگهجي. صدر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪ??سن جي حالتن ۽ حقيقتن جي ڏس ۾ م??تس?? جا حڪم جائز ۽ ٺوس قانوني بنيادن تي ٻڌل هئا، تنه?? ڪري ايف بي آر جي نمائندگي کي رد ڪيو وڃي ٿو.