اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو سيمينار (اڄ) اڱاري کان پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سي??ري??ريٽ مهمانن جي آجيان، ??نهن جي لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي نمائندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان قومي اسيمبلي سي??ري??ريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سي??ري??ريٽ پاران قومي اسيمبلي جي 43 هين سيشن جي لاءِ جاري ڪارڊز ڪارائتا هوندا. ان کانسواءِ اسلام آبا?? ۾ ??هندڙ فارن ميڊيا جي نمائندن، ??يڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگارن کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ قومي اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آهن کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي قومي اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هوندو. سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ان ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ مختلف م??ضو??ن تي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن کي ان سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بد??ري?? ٻوڏ جي تباهين ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جنهن سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.