اوسلو – 19 فيبروري (اي پي پي)ناروي جي وزاير اعظم جوناس گاهر اسٽور چيو آهي ته فلسطيني اٿارٽي لاءِ ??يڪ?? جي مد ۾ حاصل ٿيل رقم جي بنان رنڊڪ فراهمي آسان بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان سلسلي ۾ حتمي فيصلي جو وقت ويجهو آهي. العربيه اردو مطابق هن ??ذر??ل ڏينهن چيو ته اهو فلسطيني اٿارٽي جي جائز وجود کي برقرار رکڻ لاءِ به ضر??رري آهي. ناروي جي حڪومت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته فلسطيني اٿارٽي کي بچائڻ لاءِ محصول جي گڏ ٿيل رقم پي اي ڏانهن منتقل ڪئي ويندي. فلسطيني اٿارٽي اها رقم نه رڳو اسڪولن ۽ صحت جي شعبي جي ملازمن جي پگهارن لاءِ ادا ڪري سگه??دي پر مالي طور تي ڏيوالو ٿيڻ کان به بچي ويندي.