برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي زراعت ۽ انساني صحت سميت سمورن شعبن ۾ ??اڪ??تان ۽ آذربائيجان جي تعاون کي وڌيڪ گ??رو ڪرڻ جو عزم ڪيو. هنن ائٽمي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ??اڪ??تان ۽ آذربائيجان زراعت سميت ائٽمي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سان تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تجربي ۽ مه??رت جي حصيداري جي لاءِ ??اڪ??تان جي تياري کان آگاهه ڪيو.