اسلام آباد – 30 مارچ (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪووڊ – 19 سڄي دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن کي ان چئلين?? کي منهن ڏ??ڻ ۾ سخت معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، وبائي چئلين?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي. هو گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين فريڊرڪ مارڪوم هارنيس سان ڳالهائي رهيو هو جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.