اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ ??ار??يامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتح??ل کانسواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي ح??وم?? طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مدد ملندي.