اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ت??قي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ??نه?? علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصو?? ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي ??ان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ??ان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي ??ان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي ??ان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصو?? ڪيل بجيٽ جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.