اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل ڏهاڪي ۾ ڪشمير ڪاز ڪاروباري م??لحتن جي ور چاڙهيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جي دور ۾ ڪشمير مسئلي بدران مودي سان ذاتي لاڳاپا وڌايا ويا. گذريل ڏهاڪي ۾ ڪشمير ڪاز کي ذاتي ڪاروباري م??لحتن جي ور چاڙهيو ويو. هن چيو ته جنهن موثر ۽ ڏا??پ واري انداز سان وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي سڄي دنيا ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي م??ضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.