اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي ??والي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 908 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سن?? ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ?? بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ??يڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.