اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۽ ملڪ جي ب??نين جي ب??رت موجب جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اس??امي طرز زندگي کي ب??قرار رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو.
قوم ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻ?? سگهجي. پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پاڪستان جي ب??نين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي خدمتن ۽ قربانين سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ قائم ٿيڻ ممڪن ٿيو. اڄ اسان پاڪستان کي هڪ معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن تي اسان پنهنجي معاشري کي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي لاءِ انسانيت دوست، ٺوس ۽ روادار بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. اسان پنهنجي ملڪ جي ب??نين جي ب??يرت موجب پنهنجي ملڪ ۾ جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اس??امي طرز زندگي کي ب??قرار رکڻ جو پڻ وچن ڪريون ٿا. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪشميرين ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي جن کي هندستاني سيڪيورٽي فورسز 7 ڏهاڪن کان محڪوم بڻائي رکيو آهي. انهن کي ب??ترين ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اڄ اسان پنهنجي هيروز خاص طور تي صحت جي شعبي سان واڳيل ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان مشڪل وقت ۾ ماڻهن کي علاج فراهم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اسان پنهنجي صحت جي شعبي جي پروفيشنلز جي اڻٿڪ ڪ??ششن کي ساراهيون ٿا جن ان بحران دوران قوم جي بي لوث خدمت ڪئي. هن چيو ته آئون پنهنجي هم وطنن کي گذارش ڪريان ٿو ته ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻ?? سگهجي. مون کي يقين آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي مدد سان اسان پنهنجي راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻ?? سگهون ٿا.