اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020?? جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020?? دوران ڪڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 مل??ن ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 مل??ن، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020?? دوران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع ??ي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي پيداوار جو هدف 10.5 مل??ن ڳٺڙيون مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 2.33 مل??ن هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 مل??ن مقرر ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع ??وران ڪمند جي پيداوار جو هدف 74.84 مل??ن ٽن مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 1.18 مل??ن هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع ??وران زرعي شين جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.