اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي ??ان پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر طرح جي امتياز ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ?? اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو تعاون اڻٽر آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ا??ان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آهن. هن چيو ته اڄ ا??ان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي جدوجهد کي خرا?? تحسين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدوجهد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ ليبر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فرق ۽ هر طرح جي پائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اسلام مزدورن جي حقن ۽ وقار کي حرمت ڏني، ا??ان جي نبي حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۾ مزدور جي وقار ۽ حقن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، انهي بنياد تي ا??ان سمجهون ٿا ته مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ?? اقتصادي ترقي لاءِ مزدور ۽ مالڪ جو تعاون اڻٽر آهي.