اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو ا??وڻ?? چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريز?? ۾ ??اسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنه??جي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو ادار?? ۾ ??نه??جي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صحافتي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنه??جي پيشيوراڻي مهارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر صحافتي برادر?? ۾ ??ابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مار?? 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.