اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف ف??اهم ڪرڻ سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن ج?? بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکر?? جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.