ڪراچي – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر کي حصيدار بڻائڻ چاهي ٿي ته جيئن ت??قي ۽ عوامي ڀلائي جو ??مل گڏگڏ هلي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جا موقعا انهي وقت وڌي سگهن ٿا جڏهن سيڙپڪار حڪومت سان هٿ ۾ هٿ ملائي هلن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ??ي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي، معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ معاشي انگ اکر بهتري طرف وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن مشهور ڪاروباري شخصيتن ۽ واپاري برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.