اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي ن??ي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراعظم ج?? پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم ج?? منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ وزيراعظم ج?? رڳو هڪ رهائشگاهه ک?? سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام ج?? پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ وزيراعظم ج?? لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.