اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊ??ئون دوران ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ??ئي وي??دي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مذهبي سرگرمين لاءِ ايس او پيز تي مڪمل ع??لد??آمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ مذهبي اسڪالرز، ڪميونٽي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ انهن ڪميٽين جو حصو هوندا.