اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ??يڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو افتتاح ڪ??و. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان مو??ب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جن??ل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.