اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چي?? آهي ته ڪراچي ۾ نديءَ نالن جي ڀرپاسي قبضن، سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جو جدا جدا نظام نه هجڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري هڪ ڪلاڪ ۾ 80 کان 83 ملي ميٽر برسات پوڻ جي ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، حڪومت پاران ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايڪٽ تحت پاڪ فوج سمورن متاثر علائقن تائين پهچي وئي آهي، ??ڄ سومر تي وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿيندو، اسان جو ڌيان هلندڙ مهيني دوران 7، 8 آگسٽ، 15 آگسٽ ۽ 24 کان 26 آگسٽ جي وڏين برساتن سبب امڪاني نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ آهي، مستقل ??ل جي لاءِ سمو??ين ڌ??ين جو اتفاق راءِ ضروري آهي، ??نيا ۾ سالڊ ويسٽ آمدني جو ذريعو جڏهن ته اسان جي لاءِ سالڊ ويسٽ زحمت بڻجي چڪ?? آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وفاق پاران مون سون جي سيز دوران امڪاني برساتن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوج کي طلب ڪيو وي?? آهي، ??يف ڊبليو او ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا اهي علائقا ڏنا ويا آهن جتي وڏا وڏا ندي نالا آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪراچي ۾ برساتن بابت اڳڪٿي حاصل ڪري ورتي آهي، 40 کان 65 سيڪڙو برساتن جو امڪان آهي، ??ن اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اسان پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهيون ته جيئن په??ين برسات سان جيڪو نقصان ٿي?? آهي اهو ايندڙ برساتن ۾ نه ٿئي. هن چيو ته هن وقت پاڪ فوج ۽ ان جا لاڳاپيل ادارا ڪراچي ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو مستقل ??ل نه آهي، ??سان کي ڪراچي جي روزانو گڏ ٿيندڙ سالڊ ويسٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن مان رڳو 3، 4 هزار ٽن سالڊ ويسٽ کنيو وڃي ٿو، باقي ندي نالن ۾ وڃي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي جائزو ورت?? آهي. هن چيو ته 1995ع ۾ ڪراچي جي نالن جي ويڪرائي 300، 400 ميٽر هئي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي مشڪل سان 3، 4 ميٽر رهجي وئي آهي جڏهن ته نالن جي ڀرپاسي قبضن جي پڻ ڀرمار ٿي وئي آهي. ٻئي طرف سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جي لاءِ جدا نظام نه آهي، ??نهي لاءِ پاڻي نڪري وڃي ٿو ۽ سيوريج پٺتي رهجي وڃي ٿي جنهن سان پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته په??ين مرحلي ۾ اسان کي نديءَ نالن ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ?? آهي، ??ن مسئلي جي مستقل ??ل لاءِ ٻئي مرحلي ۾ سمو??ين ڌ??ين کي ويهاري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ اسپارڪو جي مدد سان پاڻي جي روٽ کي پڻ ڏٺو ويندو.