ڄام نواز علي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت عارف علوي چيو آه?? ته تازين برساتن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. وفاقي حڪ??مت ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن واهر ڪري رهي آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وفاقي، صوبائي حڪ??مت، عدليا ۽ فوج سڀ هڪ ئي پيج تي آهن. تعميراتي پيڪيج سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙو اظهار هن ڄام نواز علي ۾ برسات متاثر علائقن جو هوائي دورو ڪرڻ بعد نوابزاده ڄام ذوالفقار علي خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڄام فاروق علي خان جي رهائشگاهه تي متاثرين سان ملاقات ۽ متاثرين ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ متاثرين کي هر ممڪن واهر ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪ??مت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اسان جي اولين ترجيح متاثرين جي ٻيهر بحالي ۽ انهن کي کاڌ خوراڪ پ??چائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي گئس ملڻ باوجود سهولتون گهٽ آهن، اسان جي هتي اچڻ جو مقصد عوام جا سور ختم ڪرڻ آهي. احتساب جاري رهندو. اسان جي هر ممڪن ڪوشش آه?? ته ماڻهن کي سهولتن سان گڏ روزگار ميسر ٿئي.