اسڪردو – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ تاريخي م??صوبو آهي، ??نه?? جي مڪمل ٿيڻ سان گلگت بلتستان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو ۽ علائقي ۾ خوشحالي ايندي، گلگت بلتستان جي عوام اقتصادي لنگهه جي ثمرن مان فائدو کڻڻ جي ل??ءِ تيار ٿي وڃي، ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. صدر اها ڳالهه قراقر?? انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي م??قعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ معززين کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو موجوده دور جو عظيم الشان منصوبو آهي ??نه?? تي تيز رفتاري سان ڪم جاري آهي، ان منصوبي سان پوري م??ڪ ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.