اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٻار قوم جو مستقبل ۽ پاڪستان جا وارث آهن، ٻار ئي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻارن جي حقن جو ??حفظ ۽ انهن کي بهترين تعليمي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي ا??ان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، اسلام ٻارن جي حقن جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، مسلمان جي حيثيت سان ٻارن جي حقن جو ??حفظ اسان جي ذميواري آهي، مديني جي رياست ۾ اڄ کان 1440 سال اڳ ٻارن کي سماجي ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو ??ظهار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز پيپس اسلام آباد ۾ ٻارن جي حقن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.