اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر ه??ندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون ق??من ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارمان برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگ??اد??ش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته بنگ??اد??ش جي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.