لاهور – 08 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلم ۽ سئ??يما انڊسٽري جي بحالي ۽ بهتري لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي ته جيئن معاشري جي سمورن طبقن کي صحتمند تفريح فراهم ڪري سگهجي. هو هتي پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان فلم ايگزبيشن ايسوسيئيشن جي نم??ئندن سان ڳالهائي رهي هئي.