اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ?? ضرورت جي بنياد?? شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنياد?? شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪ??ي وڃي جيڪا خوراڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي ا??لا?? جي صدارت ڪئي.