اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاليسين جي پٺيان سوچ جو محور غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي آهي، م??ضي جي حڪمرانن ذاتي مفاد ۽ اشرافيه جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ۽ غريب طبقن کي سدائين نظرانداز ڪيو، حڪومت جي سب??ڊي مان ته سڀ ماڻهو فائدو کڻن ٿا ۽ اشرافيه به فائدو کڻي ٿي پر ??اڻ?? هڪ اهڙي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون ته سب??ڊي مان رڳو غريب فائدو کڻي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وڏن چئلينجز تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي ??اڻ?? ان جو محور م??ضي جي نظرانداز طبقن جي ڀلائي آهي، وزيراعظم باقاعدگي سان مهانگائي جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي عملدارن کان بريفنگ وٺي ٿو، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت پاران ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ جي ڪري قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين خاص طور تي غريب عوام جي استعمال جي شين اٽو، چانور، کنڊ ۽ دالين سميت 17 قسم جي شين جي قيمتن کي هڪ جهڙو رکڻ جي لاءِ ميڪانزم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، شگر ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪيو ويو، حڪومت مافيا جي ڳٺ جوڙ جي دٻاءُ ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ايندي، ڪمند جي پيڙهائي وقت سر شروع ڪرائڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان نئون قانون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪريشنگ ۾ دير ڪندڙ شگر مل کي 50 لک رپيا ڏهاڙي ڏنڊ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيمتن جي جائزه ا??لاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود وڏن چئلينجز تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو و??و آهي، ??اڻ?? حڪومت جو ڌيان غريب عوام جي ڀلائي تي هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيمتن جي جائزه ا??لاس کي 17 قسم جي روزاني جي استعمال جي مختلف ضرورت جي شين جي قيمتن جو صوبائي جائزو پيش ڪيو ويو. ا