اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون ??ڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عار?? علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن سندون ??يش ڪيون، سفيرن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.