اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ م??رر ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني پرڏيهي وزارت ۾ م??اقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائ?? جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب حنا رباني کر ايراني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ايران جي مستقل حمايت کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف جي هڪ??هڙ??ئي خوش آئنده آهي.