حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪ??ي رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀي??و چين وڏي سيڙپڪاري ڪ??ي رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوا??ي سان وڏو مرڪز ??ڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو، وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪن??و آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ذريعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪن??ڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.