رپورٽ: شهزاد علي اڪبر
احساس پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ ??هو??تن سان ليس پناهگاهن جو قيام معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي، اهي پناهگاهون گهرن کان پري اهڙن ماڻهن جي رهائش جون ضرورتون پوريون ڪري رهيون آهي جيڪي رهائش جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا، پناهگاهون قائم ڪرڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي شديد گرمي ۽ سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، حڪومت انهن ک?? پناهگاهن جي صورت ۾ هڪ اهڙي ??هو??ت فرا??م ڪئي جتي انهن ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي ماني سميت رهائش جي ??هو??ت ميسر هجي.
سيپٽمبر 2020ع کانپوءِ احساس پناهگاهن جي ذريعي 5 لک 6 هزار 521 ماڻهو ان ??هو??ت مان فائدو وٺي چڪا آهن جنهن مان 57 هزار 338 ماڻهن ک?? رهائش ۽ 4 لک 49 هزار 183 ماڻهن ک?? کاڌي جي ??هو??ت فرا??م ڪئي وئي، فيبروري 2021ع دوران هيستائين 51 هزار 860 ماڻهن انهن پناهگاهن مان فائدو حاصل ڪيو، جن مان 4 هزار 718 ماڻهن ک?? رهائش ۽ 47 هزار 142 ماڻهن ک?? کاڌو فرا??م ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي علائقن بهاره ڪهو، منڊي موڙ، پشاور موڙ، ترلائي ۽ ترنول ۾ قائم 5 پناهگاهن مان هن وقت تائين 4 لک 82 هزار 30 ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن، جن مان 56 هزار 673 ماڻهن ک?? رهائش ۽ 4 لک 25 هزار 357 ماڻهن ک?? کاڌو فرا??م ڪيو ويو، حڪومت هاڻي ان منصوبي کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختوانخواهه تائين وڌائڻ ۾ مصروف آهي.
جهلم سان تعلق رکندڙ عامر نديم وزيراعظم عمران خان جي انهي قدم کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان غريب شهرين ک?? بهترين ??هو??ت ملي آهي، اهڙا قدم تمام گهڻو اڳ کڻڻ گهرجن ها. هن پناهگاهن ۾ فرا??م ڪيل ??هو??تن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پناهگاهن ۾ ماڻهن جي داخلا جو باقاعده طريقيڪار آهي، پاڪستان بيت المال هتي صفائي جا بهترين انتظام ڪيا آهي، عملو پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن سان ڀرپور تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته انهن ??هو??تن جي فراهمي کانپوءِ اسان جو به فرض بڻجي ٿو ته اسان عملي سان تعاون ڪريون ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريون.
صوابي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمود حسن پناهگاهن ۾ فرا??م ڪيل ??هو??تن ک?? بهترين قرار ڏيندي چيو ته اها غريبن ۽ پورهيتن لاءِ بهترين ??هو??ت آهي،ان کان اڳ غريب ماڻهن ک?? شديد سرديءَ ۾ دڪانن جي ٻاهر ۽ فوٽ پاٿن تي سمهڻو پوندو هو، هاڻي پناهگاهن ۾ انهن ک?? آرامده بسترا دستياب آهن جيڪا غريبن لاءِ تمام وڏي ??هو??ت آهي.
جي نائين پناهگاهه جي شفٽ انچارج محمد عبيدالله عباسي ٻڌايو ته سندس انتظام هيٺ پناهگاهه ۾ 100 بسترا آهن جتي قيام ڪندڙ ماڻهن ک?? رهائش ۽ کاڌي سميت طبي ??هو??تون به فرا??م ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو پاڪستان بيت المال جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، پناهگاهن ۾ هڪ باقاعده طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي ٿو، جنهن موجب پناهگاهه ۾ قيام جي خواهشمند ماڻهو جو سي اين آءِ سي ورتو وڃي ٿو ان مان حاصل ڪيل معلومات موجب ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي بستري جو نمبر لکيل هوندو آهي. هن ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ قيام ڪندڙن ک?? ??هو??ت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٿي. عبيدالله عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن مان بيمار ماڻهن جي لاءِ ”پنهنجو ڊاڪٽر“ جي نالي سان باقاعده طبي ??هو??ت موجود آهي. پناهگاه ۾ ڪنهن به بيمار ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ آن لائين ڊاڪٽر دستياب هوندو آهي.
هڪ ٻي شفٽ انچارج ميمونه قريشي ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ ايندڙ ماڻهن جو اڳ ۾ معائنو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن ک?? سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي ??هو??ت ڏني وڃي ٿي. رهائش جي فراهمي ۾ بزرگ ۽ بيمار ماڻهن ک?? ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي ??هو??ت لاءِ اهڙا بسترا الاٽ ڪيا وڃن ٿا جتان انهن ک?? واش روم تائين وڃڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.