لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان پاڪستان ۾ زرعي انقلاب ايندو، سياحت جي شعبي ۾ اسان پنهنجي درآمدات ک??ن وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهون ٿا، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏئي بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ڪري سگ??جي ٿو، گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبو شروعات آ??ي ان سان ڪچي آبادين جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيندو، ڪچي آبادين کي ترڪ ماڊل تحت تبديل ڪرڻ جو منصوبو آڻي رهيا آهيون، قوم کي تاڪيد آهي ته اها ماسڪ پائي، رڳو ماسڪ سان ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگ??جي ٿو. هو رائيونڊ ۾ پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم منصوبو شروع ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.