اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي ??چ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي ??چ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قو??ي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي ??ٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صدر چيو ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي ??اڪستان ۾ ڪاورباري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي ??اکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي ??اليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.