اسلام آباد – 26 ̵1; نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪما??ست??ن جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪما??ست??ن جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳو??ڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويند??. پ??ڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪما??ست??ن، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغا??ست??ن به تنظيم ج?? ميمبر آهن.