اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي م??رائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرش?? ۽ ??امياب جوان جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوا?? بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي م??رائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن واري ??يو??ٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي مقابلن ۽ ڪاروباري منصوبن جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئ?? بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.